طلعت حسين

طلعت حسين

طلعت حسين

طلعت حسين (اداڪار): فلم، ٽي.وي، ريڊيو، اسٽيج جو ناليوارو اداڪار ۽ هدايتڪار ۽ ليکڪ طلعت حسين دهلي (انڊيا) ۾ الطاف حسين وارثي جي گهر پيدا ٿيو. سندس والده جو نالو شائسته بيگم آهي طلعت حسين وارثي آهي. هن فني زندگي جي شروعات 1959ع تي ريڊيو تان نشر ٿيندڙ ٻارن جي پروگرام سان ڪيائين. پي.ٽي.وي تان 1967ع تي سندس پهريون ڊرامو ’ارجمند‘ ٽيلي ڪاسٽ ٿيو. ان کانپوءِ 1968ع ۾ هڪ ٻيو ڊرامو ’گهوڙا گاس کاتا هي‘ نشر ٿيو. 1972ع ۾ هن لنڊن اڪيڊمي ميوزڪ اينڊ آرٽ ۾ داخلا ورتائين ۽ ميڊيا لاءِ ڪم ڪيائين. هن بي.بي.سي اورسيز ، بي.بي.سي ٽيليويزن کانسواءِ آءِ.ٽي.اين لاءِ به ڪم ڪيو.
برطانيه ۾ نشي جي موضوع تي ٺهندڙ ٽي.وي سيريل ’ٽريفڪ‘ ۾ اداڪاري ڪيائين. برطانيه ۾ ئي هڪ ٻئي ڊراما سيريل ’فيملي پرائڊ‘ ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري سڄي دنيا ۾ مڃتا ماڻيائين. ان سيريل جون 24 قسطون نشر ٿيون ۽ ان جو ڊائريڪٽر ضياءُالدين هو. هن پي.ٽي.وي جي بيشمار ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي. سندس مشهور ڊرامن ۾: ’آنسو‘، ’بندش‘، ’ديس پرديس‘، ’فنوني لطيفي‘، ’هوائين‘، ’اڪ نئين موڙ پھ‘، ’ڪشڪول‘، ’پرڇائيان‘، ’بن زياد'>طارق بن زياد‘، ’دي ڪيسل: اڪ اميد‘، ’ثائيپسٽ‘، ’رابطه‘، ’انسان اور آدمي‘، ’رشتي‘، ’مهرالنساءِ‘، جرم اور سزا‘، ’عيد ڪا جوڙا‘، ’کيت کيت هريالي‘، ’تصبير‘ وغيره شامل آهن. هن پاڪستان جي مشهور فلمن ۾ به اداڪاري ڪئي، جهڙوڪ ’چراغ جلتا رها‘، ’گمنام‘، ’لاج‘، ’قرباني‘، ’آشيانا‘، ’بندگي‘، ’محبت‘، ’مر نهين سڪتي‘ ۽ 1969ع ۾ هن فلم اشاره ڪئي جنهن جو ليکڪ، پروڊيوسر ۽ هدايتڪار وحيد مراد هو. ان کانسواءِ قائداعظم محمد علي جناح جي حياتي تي ٺهندڙ فلم ’جناح‘ ۾ تمام اهم رول ادا ڪيو. ان کان سواءِ سندس فلمن ۾ ’چراغ لتا رها‘، ’گمنام‘، ’راج‘، ’ڪاميابي‘، ’آشيانه‘، ’بندگي‘، ’ڇپن ڇپائي‘، ’پروجيڪٽ غازي‘ وغيره شامل آهن. سندس فني خدمتن عيوض ڪيئي ايوارڊ ۽ اعزاز ڏنا ويا آهن. حڪومت پاڪستان پاران 1982ع تي پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ سان نوازيو ويو. 1985ع تي نيشنل فلم ايوارڊ، 2005ع انڊس ڊراما ايوارڊ، 2006ع امانڊا ايوارڊ، 2006ع ۾ لڪس اسٽائل ايوارڊ شامل آهن. هن 1972ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي پروفيسر رخشنده سان شادي ڪئي. کين 2 نياڻيون ۽ هڪ پٽ جو اولاد ٿيو. هي نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنس آرٽ ڪراچي سان وابسطھ آهي. ان کان علاوه ڪراچي ۾ پنهنجو پروڊڪش اسٽوڊيو قائم ڪيو اٿائين، جتي نون فنڪارن جي سکيا سان گڏ ڊراما پڻ رڪارڊ ڪيا وڃن ٿا. هن وقت ڪراچي ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ طلعت حسينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو